محمد يوسف سرهيو

محمد يوسف سرهيو : محمد يوسف ولد حاجي خان سرهيو، 11 سيپٽمبر 1944ع تي دادو شهر ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪيائين. بي. اي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان سال 1965ع ۾ ڏنائين، ايم. اي 1967ع ۾ ڪيائين. 1961ع کان 1974ع تائين استادي پيشي سان منسلڪ رهيو، 1974ع کان 1976ع تائين ٽي سال ڊپٽي ٽريفڪ مئنيجر سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن رهيو. هن سماجي سرگرمين ۾ به وڌي چڙهي حصو ورتو. سگا جو نائب صدر ۽ صدر به رهيو. هن پهريون ڀيرو مخدوم بلاول سيمينار ڪرائي، سنڌ جي تاريخ جي اهم سورمي مخدوم بلاول جي ڪارنامن کان عوام کي روشناس ڪرايو. هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ روشن تارا اسڪول قائم ڪيو. ان کانسواءِ غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي سهائتا لاءِ ميڊيڪل ڪئمپون لڳرايون. محمد يوسف سرهيو سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان وابسته پڻ رهيو، جن ۾ سپر اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب، دادو اسپورٽس ايسوسيئيٽس ۽ نوجوان تنظيم دادو شامل آهن.


لفظ محمد يوسف سرهيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو